صدرالدين شاهه جي شڪست وڏو اپ سيٽ آهي، ذميوار ميمبرز کي بي نقاب ڪبو: حليم عادل

ڪراچي: پي ٽي آءِ سنڌ طرفان سينيٽ چونڊن ۾ جي ڊي اي اُميدوار صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيندڙ ميمبرز جو پتو نه هجڻ جي دعويٰ ڪندي اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ صدر الدين شاهه جي سڪست کي اپسيٽ قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جا 6 ميمبرز گُم آهن، سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ اتحادين کي 63 ووٽ ملڻا هئا، پر 57 ووٽ مليا، صدر الدين شاهه جا ووٽ گهٽجڻ تي افسوس ٿيو، گُم ٿيل ميمبرز جو پتو لڳائي بي نقاب ڪيو ويندو، سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته حڪومت منهنجي گهر کي سب جيل قرار ڏئي اُتي منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت سان رابطو ڪري انصاف گهرندس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔