وزيراعظم اعتماد جو ووٽ سڀاڻي وٺندو، اتحادين سان رابطا تيز

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو انتهائي اهم اجلاس سڀاڻي ٿي رهيو آهي، صدر آئين جي آرٽيڪل 51 جي شِڪ هڪ تحت قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو هو، وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل 51 جي شق 7 تحت ايوان کان اعتماد جو ووٽ وٺندو، آرٽيڪل 51 جي شق 7 موجب صدر پنهنجي اختيارن جو استعمال تيستائين نه ڪندو، جيستائين کيس اطمينان ٿئي ته وزيراعظم ايم اين اي جي اڪثريت جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ حاصل ٿيڻ بعد صدر جي منظوري سان وزيراعظم پنهنجو عهدو برقرار رکي سگهندو، وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ رابطا تيز ڪري ڇڏيا، وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، اتحادي پارٽيز جي ايم اين ايز کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت، اجلاس ۾ سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ واري مامري تي صلاح مشورا ڪيا ويندا، وزيراعظم حڪومتي ميمبرز کي موجوده صورتحال بابت حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو، سينيٽ چونڊن ۾ حفيظ شيخ کي شڪست ملڻ واري مامري تي به ڳالهيون ايجنڊا ۾ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔