وزيراعظم جا الزام رد، شاهدين سان اچي ڳالهايو، ادارن تي گند نه اڇلايو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن جو وزيراعظم عمران خان جي الزام بعد هنگامي اجلاس ٿيو، اجلاس بعد جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته سينيٽ اليڪشن آئين ۽ قانون موجب ڪرائڻ تي اسان الله تعاليٰ جا شڪر گذار آهيون، اليڪشن سٺي نموني پڄاڻي تي پهتي، اليڪشن جي زرلٽ بعد ميڊيا جي ذريعي جيڪي ڳالهيون ٻڌيون اهي ٻڌي ڏک پهتو، خاص طور تي وفاقي ڪابينا جي ڪجهه ميمبرز ۽ وزيراعظم جيڪو گذريل ڏينهن خطاب فرمايو، ان ضمن ۾ وضاحت ڪئي وڃي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ آزاد ادارو آهي، ان کي ئي ڏسڻو آهي ۽ قانون اجازت ڏئي ٿو ۽ ان جو اهو ئي معيار آهي، اسان ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ آئين ۽ قانون کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون نه ئي ترميم ڪري سگهون ٿا، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي فيصلن تي اعتراض آهي ته آئيني رستو اختيار ڪيو ۽ اسان کي آزاداڻي طور تي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، اسان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه آيا آهيون ۽ انشاءُ الله نه ئي اينداسين، اليڪشڻ ڪميشن سان ڪنهن ملڻ چاهيو ته اليڪشن ڪميشن ان جو موقف ٻڌو ۽ تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو، اليڪشن ڪميشن سڀني سڀني جو ٻڌنڌو آهي، پر هو رڳو آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ئي فرض سر انجام ڏيندو آهي ۽ آزاداڻي طور تي ڪنهن جي دٻاءَ کانسواءِ فيصلو ڪندو آهي ته جيئن پاڪستاني عوام ۾ جمهوريت کي هٿي ملي، اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته هڪ ئي ڏينهن، هڪ ڇت جي هيٺان، هڪ ئي الڪٽرول ۾ هڪ ئي عملي جي موجودگي ۾ جيڪي هارجي ويا اهي نامنظور ۽ جيڪي کٽي ويا اهي منظور، ڇا اهو کليل تضاد نه آهي؟ جڏهن ته ٻين سمورن صوبن ۾ نتيجو قبول ڪيو ويو، جنهن نتيجي تي تبصره ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ان کي رد ڪري ٿو، اهو ئي جمهوريت ۽ آزاداڻي اليڪشن ۽ ڳجهي بيلٽ جو حسن قوم ڏٺو ۽ اهو ئي آئين جي منشا هئي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم قانون سازي نه آهي پر قانون جي پاسداري آهي، هر سياسي جماعت ۽ شخص ۾ شڪست مڃڻ جو جذبو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪٿي اختلاف آهي ته شاهدين سان گڏ اچي ڳالهايو، اوهان جون تجويزون ٻڌيون وينديون، اسان کي ڪم ڪرڻ ڏيو، ملڪي ادارن تي گند نه اڇلايو، ڪجهه ته احساس ڪيو، اليڪشن ڪميشن انشاءُ الله خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجي آئيني ذميواري قانون ۽ آئين موجب سٺي طريقي سان انجام ڏيندو رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔