جي ڊي اي پاران صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرز جا نالا ظاهر

ڪراچي: جي ڊي اي سينيٽ چونڊن ۾ صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيندڙ پي ٽي آءِ ميمبرز جا نالا ظاهر ڪري ڇڏيا، پي ٽي آءِ ايم پي اي عمر عُميرِي، ڪريم بخش گبول، بلال غفار، رابستان خان ۽ عباس جعفري طرفان پارٽي جي حمايتي اُميدوار صدر الدين شاهه کي ووٽ نه ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، جي ڊي اي ووٽ نه ڏيندڙ پي ٽي آءِ ايم پي ايز جا نالا وزيراعظم ڏانهن اُماڻي ڇڏيا، ايم پي اي نصر صحر عباسي، شهريار مهر، رزاق راهمون ۽ ٻين جي ڊي اي اڳواڻن ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ جنرل سيٽ تي پي ٽي آءِ ۽ متحده اُميدوارن جي ڪاميابي جو اعلان ٿيندي ئي شڪ ٿي ويو ته جي ڊي اي سان دوکو ٿيو آهي، پي ٽي آءِ جي 7 ميمبرز کي جي ڊي اي اُميدوار جي پئنل ۾ شامل ڪيو ويو، اُنهن مان 6 ميمبرز ووٽ نه ڏنا، جي ڊي اي طرفان پي ٽي آءِ قيادت کان وضاحت ۽ ذميوار ايم پي ايز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔