حملو ڪيس: نواب وساڻ ۽ جاويد شاهه جيلاني سميت 25 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

سکر: سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران اليڪشن ۾ حملي ۽ ڇهه ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ، ايم پي اي جايد شاهه جيلاني سوڌو 25 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، سکر بئنچ جي جسٽس نظر اڪبر تي ٻڌل سنگل بئنچ ف ليگ اڳواڻ ڄام انعام الله مهيسر جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل جعفر شاهه عدالت کي ٻڌايو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ پ پ اڳواڻ نواب وساڻ، ايم پي اي جاويد جيلاني، مريد وساڻ ۽ فهد شاهه سوڌو پ پ جي 25 جوابدارن ڪنگري ۾ ريلي تي حملو ڪري ڇهه ڪارڪنن کي زخمي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔