باٿ روم صاف ڪرڻ کان مارس جي پراجيڪٽ ڊرائيڪٽر ٿيڻ جو ڊيانا جو سفر…

ڪولمبيا جي ڊيانا ٽروجلو جي قابل ذڪر ڪهاڻي خبرن ۾ تمام گهڻي اچي رهي آهي ته ڪئين هو هڪ باٿ روم صاف ڪندڙ عورت مان ناسا جي مارس روور پروجيڪٽ لاءِ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بڻجڪي وئي.
مڙس کان طلاق بعد ڊيانا ۽ ان جي امڙ وٽ کائڻ ۽ رهڻ لا ڪا به شي نه هئي ۽ هو کليل آسمان هيٺيان ليٽي اهو سوچي رهيون هيون ته هاڻي هنن جي زندگي ۾ڇا ٿيندو.
ڊيانا ٽي سو امريڪي ڊالرز پنهنجي کيسي ۾ ساڻ ڪري امريڪا پهتي جڏهن ته کيس انگلش به نه ايندي هئي.
ڊيانا امريڪا پهچي ان وقت تمام گهڻي خوش ٿي جنهن وقت کيس باٿ روم صاف ڪرڻ جي نوڪري ملي ۽ هن ڏينهن رات محنت ڪري ڪمينوٽي ڪاليج ۾ پڙهيو به ۽ ان دوران هن هڪ روبوٽڪ آرم ٺاهي جيڪا مارس تي پٿر گڏ ڪري ان ۾ تحقيق ۾ ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔