دريائن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران پروگرام رٿيل

ڪراچي؛ پاڪستان فشرفوڪ فورم دريائن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ٻن هفتن تي ٻڌل سرگرمين جو اعلان ڪيو آهي.
سرگرميون ملهائڻ جو مقصد دريائن ۽ موسم جي حوالي سان پيش ايندڙ خطرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.
پهرين مارچ لان شروع ٿيل تقريبون چوڏنهن مارچ تي ختم ٿينديون جيڪو دريائن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي.
چيئرمين پاڪستان فشرفوڪ فورم محمد علي شاهه جو چوڻ آهي ته اهي تقريبون ملهائڻ جو مقصد دريائن جي اهميت ۽ انهن جي سار سنڀال يقيني بڻائڻ آهي
شيڊيول موجب چار مارچ تي ضلعي سطح تي ڊائيلاگ
اٺ مارچ عورت ۽ درياهه
نو مارچ؛ پريس ڪانفرنس
ڏهه مارچ؛ ريليز، صوبائي ڊائيلاگ
يارنهن مارچ؛ شارٽ مارچز
ٻارنهن ۽ تيرنهن مارچ؛ ثقافتي پروگرام
چوڏنهن مارچ؛ دريائن جي حقن بابت عوامي ريلي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔