حڪومت پاران صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: حڪومت صادق سنجراڻي کي ٻيهر سينيٽ چيئرمين لاءِ اُميدوار طور نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو، شبلي فراز ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته اڄ شام وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ڪندو ۽ اهم اعلان ڪندو، وزيراعظم هائوس ۾ پي ٽي آءِ جي سنييئر اڳواڻن ۽ وزيرن جو اهم مشاورتي اجلاس جاري، وزيراعظم کي سينيٽ چونڊن ۾ حفيط شيخ کي شڪست ملڻ جي ڪارڻن بابت بريفنگ ڏني وئي، قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي مامري تي به صلاح مشورا، وزيراعظم عمران خان اٽارني جنرل خالد جاويد ۽ صلاحڪار بابر اعواڻ سوڌو قانوني ٽيم کي فوري طور وزيراعظم هائوس طلب ڪري ورتو.جڏهن ته صدر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس ڇنڇر تي طلب ڪري ورتو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔