شاهده رحماني ۽ فريال ٽالپر جَي نالي تي پئسا وٺندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي: پيپلز پارٽي قيادت کي چونو لڳائڻ جِي ڪوشش ناڪام: پ پ ايم اين اَي شاهده رحماني ۽ فريال ٽالپر جَي نالي تي ماڻهن کان پئسا وصول ڪندڙ جوابدار گرفتار، گلشن معمار ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس اختيارين موجب جوابدار واٽس ايپ ذريعي اهم شخصيتن کي فريال ٽالپر ۽ شاهده رحماني جَي ريفرنس سان ميسج ڪري پئسا گهرندو رهيو، جوابدار پ پ ايم اين اَي قادر پٽيل، پلوشه خان، امداد پتافي، ناز بلوچ، آغا رفيع الله ۽ شگفته جمالي کي به پ پ قيادت جي ريفرنس سان ميسج موڪلي چڪو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار هڪ مشهور فنڪار سميت ڪيترين ئي شخصيتن کان ايزي پئسا ذريعي رقم به وصول ڪري چڪو آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔