نيتن ياهو پاران ايران تي اسرائيلي جهاز کي نشانو بنائڻ جو الزام

يروشلم: اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ايران تي خليج عمان ۾ گذريل هفتي اسرائيلي جهاز تي ڌماڪي جو الزام هنيو آهي.
برطانوي خابرو اداري رائٽرز جي هڪ رپورٽ موجب جمعي جي رات ”ايم وي هيليوس ري“ مال ڍوئيندڙ جهاز کي پاڻي جي لڪير مٿان ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو هو جڏهن ته آمريڪي عملدارن جو چوڻ هو ته جهاز کي ٻنهي پاسي سوراخ ٿي ويا.
ان سلسلي ۾ اسرائيلي عملدارن جو چوڻ هو ته ڌماڪي جي لاءِ لمپٽ مائنز جو استعمال ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔