ڪمرشل اڏاوتن ڊاهڻ جو حڪم ڏنو پر غريبن جا گهر تباهه ڪيا پيا وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪاوڙ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ، ايريگيشن جِي زمين تي آپريشن دوران متاثر ٿيلن کي متبادل جاءِ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، غريبن جا گهر ڊاهڻ کان اڳ ڪمرشل اڏاوتون ختم ڪرڻ جو حڪم: ڪيس جِي ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪمرشل اڏاوتن ڊاهڻ جو حڪم ڏنو پر غريبن جا گهر تباهه ڪيا پيا وڃن، ڇا بي گهر ٿيل متاثر معصوم ٻار کڻي روڊن تي اچن؟، ماڻهو سمجهندا ته عدالتي حڪم تي سندن گهر ڊاٿا پيا وڃن، غريبن جا گهر ڊاهڻ کان اڳ کين متبادل جاءِ فراهم ڪرڻ جو حڪم، عدالت سنڌ حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 8 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔