آءِ جي سنڌ پاران 293 ماڻهو صوبي مان گم هئڻ جي تصديق

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، آئي جي سنڌ مشتاق مهر طرفان رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2014کان هن وقت تائين 4373شهري گم ٿيا، 4080گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳائي ڪيس اڪلايا ويا، جڏهن ته هن وقت گم ٿيل ماڻهن جو انگ 591 آهي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 293 گم ٿيل شهرين جوڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، گذريل 6مهينن ۾ 298 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو، 293 ماڻهن جو پتو نه پئجي سگهيو، عدالت کي خاطري ڪرايون ٿا ته گم ٿيل شهرين بازيابي لاءِ سنڌ پوليس ڀرپور ڪوششون ڪندي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جي آئي ٽيز جا مستقل سيشنز ٿيندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔