خيرپور ۾ مبينا اغوا ٿيل ٻارڙي قتل، لاش گهر ٻاهران اڇلائي فرار

خيرپور: خيرپور مان 10 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل معصوم ٻارڙي جو گندي نالي مان لاش هٿ آيو، فيض آباد واري علائقي مان 3 ورهين جي فروا شيخ اغوا ٿي وئي هئي، سندس لاش اڄ گندي پاڻي جي نالي مان مليو، وارثن دانهيو ته ٿاڻن ۽ ايس ايس پي آفيس جا چڪر ڪاٽيندا رهيا پر پوليس ڪو تحرڪ نه کنيو، جڏهن ته ٽائيم نيوز ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن موقف ڏيڻ جي به زحمت نه ڪئي، ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي پاسي وارثن الزام هنيو آهي ته پوليس جي روايتي سستي جي ڪري سندن معصوم ٻارڙي مارجي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔