پنجاب سرڪار پاران 14 مارچ تي ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان

لاهور: پنجاب سرڪار پاران سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي طرز تي پنجاب ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پنجاب سرڪار جي انفارميشن اينڊ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. پنجاب جي ثقافت واري وزير خيال احمد ڪاسترو پاران پنجابي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز، آرٽس اينڊ ڪلچر، پنجابي پرچار، پنجاب نيشنل پارٽي ۽ ٻين ادارن جي اڳواڻن سان ملاقات ۾ ان ڳالھه تي اتفاق ڪيو ويو ته هاڻي هر سال پنجاب ۾ “پنجاب ثقافتي ڏهاڙو” 14 مارچ تي ملهايو ويندو. ياد رهي ته اهو ڏينهن پنجاب جي روايتي سال جي پهرين مهيني چيتر جو پهريون ڏينهن به آهي يعني اهو پنجابي روايتي ڪئلينڊر جو “هيپي نيو ايئر” پڻ آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ پنجاب اندر ڏهن سالن تائين نجي طور تي اهو ڏهاڙو پنجابي پرچار ۽ ٻين ادارن پاران ملهايو ويندو هيو. هن سال پنجاب سرڪار نيٺ عوام جو مطالبو مڃيندي سرڪاري طور تي پنجاب ڪلچرل ڊي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري نوٽيفڪيشن موجب پنجاب جي سرڪاري ڊي جي پي آر، پنجاب آرٽس ڪائونسل، پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز، آرٽس اينڊ ڪلچر سميت لاهور، فيصل آباد، بهاولپور جي عجائب گهرن، پنجاب فلم سنسر بورڊ ۽ صحافتي ادارن کي لکيو ويو آهي ته هن سال 14 مارچ تي اهو ڏينهن شاندار نموني ملهايو وڃي. پنجابي پرچار جي اڳواڻ احمد رضا وٽو جو چوڻ آهي ته “پنجاب سرڪار پاران 14 مارچ کي پنجاب ثقافتي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو صرف پنجاب نه پر پوري پاڪستان جي سڀني قوميتن لاءِ وڏي خوشخبري آهي، سنڌ جي عوام وانگر هاڻي پنجاب جو عوام به پنهنجي هزارين سال پراڻي ثقافت سان پيار جو اظهار ڪري سگهندو ان عمل سان عوام ۾ ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت سان انسيت ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پنجاب جي ثقافت پوري دنيا ۾ مشهور آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ سان پوري دنيا ۾ پاڪستان جي لاءِ سٺي سوچ جنم وٺندي، اسان کي يقين آهي ته ايندڙ چند سالن ۾ اهو ڏهاڙو پاڪستان ۾ اهميت اختيار ڪري ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔