قومي اسيمبلي جو اجلاس، پ پ جي امير علي شاهه قسم کڻي ورتو

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، ان موقعي تي اين اي 221 ٿرپارتي ننڍي چونڊ ۾ ڪامياب پ پ جي امير علي شاهه قسم کنيو، امير علي شاهه چيو ته هو ڪوشش ڪندو ته قيادت جي اعتماد تي پورو لهي، سندس ڪوشش هوندي تڪ جي مسئلن کي ايوان تائين پهچائي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي عاصمه حديد پلي ڪارڊ کڻي ايوان ۾ پهچي وئي، پي ٽي آءِ ايم اين اي سيف الرحمان سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ لڳاتار ظلم ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، حليم عادل شيخ کي چار باءِ چار واري ڪمري ۾ رکيو ويو، حليم سان زيادتين تي پُڇون ٿا ته جواب ۾ چيو وڃي ٿو ته نيب اسان سان ڇا ڪري رهيو آهي، ڇا نيب جي ڪمن جي سزا ٻين کي ڏني ويندي؟ پي ٽي آءِ ميمبرز طرفان حليم عادل شيخ جي ڪمري ۾ نانگ ڇڏڻ واري معاملي جي آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي جيلز کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔