ايڪواڊور جي ٽن جيلن ۾ فساد، ٻاهٺ قيدي مارجي ويا

ايڪواڊور: ڏکڻ آمريڪي ملڪ جي ٽن جيلن ۾ ٿيل فسادن ۾ 62 قيدي مارجي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ڏاکڻين آمريڪي ملڪ ايڪواڊور جي ٽن جيلن ۾ فساد برپا ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 62 قيدي اجل جو شڪار ٿي پيا.
جيل عملدارن موجب قيدين ۾ ٻه ڏوهاري گروپ پاڻ ۾ وڙهي پيا جنهن کانپوءِ فساد شروع ٿي ويا ۽ قيدي هٿيارن، ڇرين ۽ چاقن سان هڪٻئي تي حملو ڪري ڏنو جنهن سان ڪيترائي قيدي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
عملدارن ٻڌايو ته فسادن جي اطلاعن کانپوءِ پوليس جي وڏي نفري جيلن ۾ ڪارروائي ڪري صورتحال تي ضابطو آندو آهي، قيدين جي ان جهيڙي ۾ ڪيترائي پوليس اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔