سيف الله ابڙو پاران اليڪشن ٽريبونل جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

ڪراچي: سينيٽ چونڊن لاءِ ٽيڪنوڪريٽ جِي سيٽ تي پي ٽي آءِ جي اُميدوار سيف الله ابڙو اليڪشن ٽريبونل جَي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، اليڪشن ٽربيونل سيف الله ابڙو کي سينيٽ چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ سيف الله ابڙو موقف اختيار ڪيو آهي ته هو ٽيڪنوڪريٽ جِي تشريح تي پورو لهي ٿو، اليڪشن ٽريبونل حقيقتن کي نظرانداز ڪري فيصلو ڏنو، سيف الله ابڙو طرفان اليڪشن ٽريبونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سينيٽ چونڊن لاءِ اهل قرار ڏيڻ جِي استدعا، سنڌ هاءِ ڪورٽ سيف الله ابڙو جي درخواست فوري ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔