هارس ٽريڊنگ وڊيو اسڪينڊل: اليڪشن ڪميشن پاران وڌيڪ شاهديون طلب

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن هارس ٽريڊنگ وڊيو اسڪينڊل بابت نواز ليگ اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي کان وڌيڪ شاهديون طلب ڪري ورتيون، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ جڙيل 5 رُڪني ڪميشن طرفان سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ واري وڊيو جي جاچ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار طرفان وڊيو اسڪينڊل جي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته درخواستگذار وڌيڪ شاهديون جمع ڪرائي ته جيئن اُنهن جو جائزو وٺي سگهجي، وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڪجهه ماڻهن بعد ۾ بيان به ڏنا هئا، نواز ليگ اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته پرويز خٽڪ ۽ اسد قيصر هن معاملي ۾ ملوث هئا، وڊيو ۾ نظر ايندڙ 2 ايم پي ايز بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهن، چاهيون ٿا شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔