ڊسڪه مان تحريڪ انصاف ميدان ماري چڪي آهي: فردوس عاشق

ڊسڪه: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اين اي 75 ڊسڪه تان تحريڪ انصاف 7827 ووٽن سان ميدان ماري چڪي آهي.

احسن اقبال، جاويد لطيف، عطا تارڙ آر او کي يرغمال بنائي رکيو آهي. چونڊ نتيجن جو اعلان ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي،. فردوس عاشق اعواڻ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته(ن) ليگ جي چونڊ  نتيجا روڪڻ جي درخواست آئي آهي. پر شڪست کائيندڙ پنهنجي شڪست جي شرمندگي کان بچڻ جي لاءِ اهڙي طرح جا الزام لڳائيندو آهي. جن پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا دير جو شڪار ٿيا هئا انهن جي رزلٽ واٽس ايپ تي آر او کي ملي چڪي آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نتيجن موجب پنهنجي ٽوئٽ تي قائم آهيان. آر او آفيس کي ليگي اڳواڻ  يرغمال بنايو ويٺا آهن. هو پنهنجي مرضي موجب نتيجا وٺڻ چاهين ٿا. اليڪشن ڪميشن ۽ آر او قانون  موجب فيصلو ڪندا. چونڊ قاعدن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. قيمتي حياتين جو نقصان ٿيو. پريزائيڊنگ آفيسرن  نتيجا ليٽ ڇو ڪيا ڪنهن جي دٻاءُ ۾ نه اچو ليگي اڳواڻ جو هتي ڪوبه ڪم نه آهي.

ٻئي طرف شهباز گل سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته مريم نواز ۽ ان جي پيءُ جي بيانيي کي شڪست ملي. تحريڪ انصاف اين اي 75 جي اليڪشن 7227 ووٽن تان کٽي چڪي جڏهن ڪرپشن، رياست مخالف بيان ڏيندو ته شڪست اوهان جو مقدر هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔