اين اي 75 : ريٽرننگ آفيسر چونڊ نتيجا روڪي ڇڏيا، حتمي اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندو

ڊسڪه: ريٽرننگ آفيسر اين اي 75 ڊسڪه جا چونڊ نتيجا روڪي ڇڏيا آهن. حتمي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندو.

23 پولنگ اسٽيشنز جو نتيجو دير جو شڪار رهيو. 337 پولنگ اسٽيشنن جي غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب(ن) ليگ جي نوشين افتخار کي تحريڪ انصاف جي علي امجد ملهي تي برتري حاصل آهي. مسلم ليگ(ن) جي اين اي 75 مان اميدوار نوشين افتخار چيف اليڪشن ڪمشنر کي درخواست ڏني. جنهن ۾ هن پنهنجي موقف ۾ چيوته چونڊن ۾ 23 پولنگ اسٽيشنن جو عملو چونڊ نتيجن سميت غائب آهي. هينئر تائين 335 سيٽن جا نتيجا مرتب ڪيا ويا آهن. ريٽرننگ آفيسر پرزائيڊنگ آفيسرن ۽ عملي جي بازيابي تي بي وسي جو اظهار ڪيو. نوشين افتخار درخواست ۾ چيو ته مسنگ نتيجن جي حوالي سان شڪ آهن. لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا معطل ڪري فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي.

اليڪشن ڪميشن جي طرف کان صورتحال جي جائزي تائين نتيجو روڪيو وڃي. مذڪوره 23 پولنگ اسٽيشنن، ڊسڪه سٽي جي 38 پولنگ اسٽيشنن ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. (ن) ليگ جي افتخارالحسن عرف ظاهري شاهه جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل سيٽ اين اي 75 ڊسڪه تي رات جو ساڍي  چئين وڳي تائين زبردست مقابلو هلي رهيو هو. 337 پولنگ اسٽيشن  جي نتيجن مان(ن) ليگ جي نوشين افتخار جا 97588 جڏهن ته تحريڪ انصاف جي علي امجد ملهي کي 94541 ووٽ هئا. 23 پولنگ اسٽيشنن جا نتيجا اڃان باقي آهن.

هوڏانهن اين اي 75 ڊسڪه مان سمورو ڏينهن ڇڪتاڻ وارو ماحول رهيو. موٽر سائيڪل سوار ماڻهو کلي عام جديد هٿيار کڻي روڊن تي گهمندا رهيا. پولنگ جي دوران جهيڙي جا واقعا به ٿيا ان دوران هڪ پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي کان پوءِ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿي پيا هئا. پولنگ جو عمل ڪيترائي  ڀيرا بند ڪرڻو پيو. ٻڌايو ويو آهي ته اين اي 75 ڊسڪه مان پولنگ اسٽيشنز جي ويجهو نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب ووٽرز ۾ خوف حراس پکڙجي ويو. فائرنگ کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا. ڏوراهين ڳوٺ گونند ڪي ۾ پولنگ اسٽيشن تي  ٿيندڙ جهيڙو ڏسندي ئي ڏسندي جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو.

ٻئي طرف تڪ ۾ تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ(ن) جا ڪارڪن سمورو ڏينهن هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ايندا رهيا ۽ هڪ ٻئي جي خلاف نعريبازي ڪئي. ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن پاڻ ۾ وڙهندا رهيا. گورنمنٽ گرلز ڪاليج پولنگ اسٽيشن تي فائرنگ ۽ جهيڙي کان پوءِ انتظاميه طرفان رينجرز مقرر ڪئي وئي. جنهن سبب پولنگ روڪي وئي جنهن سبب عورت ووٽر پريشاني جو شڪار رهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔