حليم عادل جي ڪمري مان نانگ نڪرڻ وارو معاملو: سي آءِ اي سينٽر جي سمورن اهلڪارن جا بيان قلمبند

ڪراچي: سي آءِ اي سينٽر ڪراچي مان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي ڪمري مان نانگ نڪرڻ جي معاملي تي سينٽر ۾ مقرر سمورن اهلڪارن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب حليم عادل شيخ جا ملازم ۽ مهمان صبح جو ناشتو کڻي آيا هئا، مرده حالت ۾ نانگ ملڻ کان 10 منٽ اڳ مهمان ڪمري مان نڪتا.

ذريعن ٻڌايو ته دروازي جي ٻاهران مقرر اهلڪارن ڪنهن به قسم جو گوڙ نه ٻڌو نه اختيارين سي سي ٽي وي فوٽيج جي جانچ پڙتال شروع ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔