هانيه عامر پشاور زلمي جو حصو بڻجي وئي

پاڪستاني فلم ۽ ڊرما انڊسٽري جي مشهور اداڪاره هانيه عامر پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ٽيم پشاور زلمي جو حصو ٿي وئي آهي.
پشاور زلمي جي آفيشل فيس بڪ اڪائونٽ تي هانيه عامر کي برانڊ ايمبسڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
زلمي جي فيس بڪ اڪائونٽ تي هانيه عامر جي تصوير سان لکيو ويو ته”اسان هانيه عامر کي هن سيزن ۾ پشاور زلمي جو حصو ٿيڻ تي آجيان ڪيون ٿا.
ان کان اڳ مشهور پاڪستاني اداڪاره ماهره خان پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڇهين سيزن ۾ پشاور زلمي جو ايمبيسڊر ڪيو ويو هو.
ميڊيا ۽ فرينڊ ويليو جي لحاظ کان پاڪستان سپر ليگ جي سڀني کان مشهور فرنچائيز پشاور زلمي پاران اعلان ڪيو ويو هو ته ماهره پي ايس ايل سيزن 6 کي سپورٽ ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔