ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بيٽسمين دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو

نئين دهلي: ڀارتي شهر پوني ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران بيٽسمين دل جو دورو پوڻ ڪري زندگي جي بازي هارائي ويٺو.
رپورٽ موجب جونار سٽي ۾ کيڏي ويندڙ هڪ مقامي ٽونامينٽ دوران نان اسٽرائيڪ اينڊ تي موجود بيٽسمين ڊليوري کانپوءِ امپائر کان پڇيو ته ڪيترا بالز باقي آهن،. پوءِ اوچتو هن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ اتي ئي ڪري پيو.
امپائرز ۽ ساٿي بيٽسمين سيني کي دٻايو پر هن فيلڊ تي ئي پنهنجو آخري ساهه کنيو، ان کان پهريان جنوري ۾ به ڀارت ۾ هڪ 25 سالن جو ڪرڪيٽر دوران ميچ زندگي وڃائي ويٺو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔