پارٽي گرل کان متاثر ماهره جي ”پاجامه پارٽي“ وڊيو وائرل

ڪراچي:”پاوري ٿي رهي آهي“ وڊيو سان پاڪستان سميت سرحد پار مشهور ٿيندڙ پاڪستاني ناري دنانير مبين جا چرچا ڪيرائي ڏينهن گذرڻ باوجود به ٿي رهيا آهن.
دنانير جي پاوري وڊيو کان سوشل ميڊيا واهپيدار ۽ پاڪستاني اداڪارن سميت ڀارت جا ٻيا به ڪيترائي اداڪار متاثر ٿيا آهن ۽ پارٽي گرل جي ڪاپي ڪندي وڊيوز ۽ ميمز ٺاهڻ لڳا.
هاڻ پاڪستاني سپر اسٽار ماهره خان ۽ اداڪاره مومل شيخ پاران به سوشل پليٽ فارم انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ماهره خان ۽ مومل شيخ دوستن سان گڏ هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ماهره خان ۽ مومل شيخ دوستن سان گڏ پاوري ٿي رهي آهي جي ريميڪس گاني تي رقص پيون ڪن.
ماهره خان وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ پارٽي گرل دنانير مبين کي ٽيگ ڪندي ان کي بهترين قرار ڏنو، گڏ اداڪاره پارٽي گرل جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو، اداڪاره پوسٽ ۾ پاجامه پارٽي جو ڪيپشن به لکيو.
سپر اسٽار ماهره خان جي ان وڊيو کي ساٿي فنڪارن ۽ مداحن ڪافي پسند ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔