پ پ جي غنڊن پوليس جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي: حليم عادل شيخ

ملير: ملير ۾ چونڊ ضابطن ۽ هنگامن جي الزام تي گرفتار حليم عادل جو ايس ايس پي ملير جي آفيس مان وڊيو بيان جاري، حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته اسان جي ماڻهن تي حملا ٿيا ته تڪ تي هليو ويس، پ پ جي غنڊن پوليس جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي، وڊيو بيان ۾ حليم عادل شيخ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد شاهه پوليس کي ٽاسڪ ڏنو آهي، مون کي رستي تان هٽائڻ چاهين ٿا، اسان کي ايس ايس پي آفيس مان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي، ووٽ چورائڻ جي سازش ٿي آهي: اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته اسان جي ماڻهن تي حملا ٿيا ته تڪ تي هليو ويس، پ پ جي غنڊن پوليس جي موجودگي ۾ فائرنگ ڪئي، ايس ايس پي آفيس ۾ رکيو ويو آهي، پ پ جي غنداگردي وائکي ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔