پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ ٽيٽيهه ڄڻا فوت ٿي ويا

اسلام آباد: پوري ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 33 ڄڻا ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 1270 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ظاهر ڪندڙ ويب سائيٽ موجب 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ ۾ ڪورونا جا 35280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 1270 ماڻهن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي جڏهن ته وائرس سان 33 ڄڻا فوت ٿي ويا.

سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگيون 12218 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيس 5 لک 60363 تائين پهتا آهن جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 29981 آهي.

ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران پوري ملڪ 1481 مريض ڪورونا مان صحتياب ٿيا جنهن کانپوءِ انهن جو مجموعي انگ 5 لک 18164 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔