ڪراچي جي هڪ ٻي فيڪٽري کي باهه، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو

ڪراچي: نيو ڪراچي سيڪٽر اليون جي ۾ زري جي فيڪٽري ۾ لڳل باهه تي فائر فائٽر جي ٽن گاڏين ضابطو آڻي ورتو جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.

نيو ڪراچي سيڪٽر اليون جي جي زري فيڪٽري ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، باهه عمارت جي ٽين منزل تي لڳي جتي زري جو ڪم ڪيو پئي ويو، باهه جو اطلاع ملندي ئي ٽيمن کي طلب ڪيو ويو جڏهن ته علائقي واسين پنهنجي مدد پان تحت چوڪيدار ۽ ان جي ڪٽنب کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو.

باهه جي نتيجي ۾ لکين روپين جو سامان ۽ مشينري سڙي خاڪ ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب باهه زري جي مشين ۾ خرابي سبب لڳي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔