سينيٽ اليڪشن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران قومي اسيمبلي ۾ جهيڙي جو پڙاڏو

اسلام آباد: سينيٽ ميچوئر ماڻهن جو ايوان آهي، سينيٽ ۾ اسيمبلي جيان جهيڙا نه ٿيندا آهن، جنهن ڏينهن اها آبزرويشن ڏني، اُنهي ڏينهن جهيڙو ٿي ويو، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ اليڪشن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي دوران قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٿيل هنگامن جو به ذڪر، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته ٻين ملڪن جي اسيمبليز ۾ ته ڪرسيون هنيون وينديون آهن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پاڪستان ۾ شايد اِن ڪري ڪرسين کي فِڪس ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته دُنيا ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا آهن، امريڪا جي اسيمبلي ۾ ته ماڻهن داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔