برطانوي عدالت جو فيصلو حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته برطانيا جي عدالت ڊيلي ميل خلاف فيصلو ٻڌايو ته شهزاد اڪبر کي ڪاوڙ ڇو اچي رهي آهي، ڊيلي ميل اخبار جي وڪيل به اعتراف ڪيو آهي ته شهباز شريف خلاف ثبوت نه آهن، برطانوي عدالت جو فيصلو حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي، شهزاد اڪبر رڳو ٻين جون پڳون اُڇلڻ واري ڪم ۾ رُڌل آهي، کيس خبر هجڻ گهرجي ته برطانيا جي عدالت ۾ ارشد ملڪ جهڙا جج نه آهن، عمران خان ڀلي اُبتو لٽڪي وڃي، اپويشن کيس اين آر او نه ڏيندي،

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔