گم ٿيل شهري نه ملڻ رياست جِي ناڪامي آهي،خبر ناهي ته پوليس ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهي : سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو خبرناهي ته پوليس ڪهڙي ڌنڌي سان لڳل آهي، گم ٿيل شهري نه ملڻ رياست جِي ناڪامي آهي،

وفاقي گهرو سيڪريٽري کي ٻڌائي ڇڏيو ته جيڪڏهن عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته کيس سينٽرل جيل ۾ وجهي ڇڏينداسين. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين بابت ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ گم ٿيلن جا وارث عدالت ۾ روئيندا رهيا.

عدالت ناقص جاچ تي آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي طلب ڪندي چيو ته شهري گم ٿي رهيا آهن ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي نه آهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي مامري تي پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي، خبر نه آهي ته پوليس آفيسرز ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهن.

ان موقعي تي گم ٿيل شهري عادل جي گهر واري عدالت ۾ لُڙڪ لاڙيندي چيو ته هاڻي هي به ناهي خبر نه آهي ته مان بيوه آهيان يا سهاڳڻ.لاپتا ٿيل شهري مشتاق جي گهرواري عدالت کي ٻڌايو ته مڙس جي گم ٿيڻ کانپوءِ سڄي جهان جون ڳالهيون ٻڌڻيون پون ٿيون، جڳه جڳه ٺوڪرون ملن پيون.

ان تي سرڪاري وڪيل چيو ته گم ٿيل شهري جيڪڏهن سنڌ ۾ هجي ها ته ملي چڪو هجي ها، هن بابت وفاق ئي بهتر ٻڌائي سگهي ٿو.جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل وقار جي حوالي سان سمورن ادارن کي خط لکيا آهن، ڪجهه ادارن مان رپورٽس مليون آهن، ڪجهه ادارن مان هن وقت تائين نه مليون.عدالت چيو ته 2015ع کان وٺي هن وقت تائين رپورٽ جو انتظار ڪري رهيو آهين، ؟

جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهري سليمان کي ڪجهه ماڻهن سرگوڌا ۾ ڏٺو آهي، ان تي معزز جج چيو ته جتي به آهي عدالت ۾ پيش ڪيو.عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان 22 فيبروري تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔