سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ کي سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد ؛ سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل قتل ڪيس جي جوابدار احمد عمر شيخ کي ٻن ڏينهن اندر سرڪاري ريسٽ هائوس ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار احمد عمر شيخ کي ڪراچي ۾ ڪٽنب سوڌو پرسڪون رهائش ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ،

سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جڙيل 3 رُڪني بئنچ ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ عمر شيخ سوڌو ٻين جوابدارن جي آزادي خلاف سنڌ سرڪار جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪئي.  ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل دليل ڏيندي چيو ته احمد عمر شيخ ڪو معمولي ڏوهاري نه آهي،

اهڙن دهشتگردن مان سڄي ملڪ جي عوام کي خطرو هوندو آهي، وفاق ۽ سنڌ سرڪار کي اهڙن دهشتگردن جي آزادي تي ڳڻتي آهي، امريڪي صحافي ڊينيئل پرل جي قتل ۾ ملوث جوابدارن سڄي پاڪستان کي دهشت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، قتل جي سموري واقعي جو ماسٽر مائينڊ احمد عمر شيخ ئي هو.

اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته عدالت وفاقي سرڪار کي اُن جي اختيار کان محروم نٿي رکي سگهي، جنهن تي جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته اختيار استعمال ڪرڻ لاءِ مواد به هجڻ گهرجي، صوبائي حڪومت وٽ جوابدارن کي حراست ۾ رکڻ جو مواد نه هو، وفاق وٽ مواد آهي ته اُهو صوبي حوالي نه ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو اٽارني جنرل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جا ڪارڻ نه پڙهيا آهن، بدنيتي اها هئِي جو حراست ۾ رکڻ جا بار بار حڪناما جاري ڪيا ويا، وفاق وٽ جوابدارن خلاف مواد آهي ته عدالت آڏو پيش ڪري،  ڪنهن کي حراست ۾ رکڻ جو مطلب نو ٽرائل آهي، جوابدار احمد عمر شيخ 18 سالن کان جيل ڪاٽي رهيو آهي. سپريم ڪورٽ جوابدار احمد عمر جي رهڻ لاءِ ڪنهن سرڪٽ هائوس ۾ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته احمد عمر شيخ کي ٻن ڏينهن تائين جيل اندر ڪنهن بهتر جاءِ ۽ کُليل ڪمري ۾ رکيو وڃي، اُن کانپوءِ کيس ڪنهن سرڪاري ريسٽ هائوس منتقل ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڪراچي ۾ احمد شيخ کي ڪٽنب سوڌو پُرسڪون رهائش ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي.

عدالت عمر شيخ کي ڊيٿ سيل مان فوري طور ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته احمد عمر کي سيڪيورٽي سان گڏ ريسٽ هائوس منتقل ڪيو وڃي، جتي سندس گهرڀاتي صبح 8 وڳي کان شام 4 وڳي تائين رهي سگهندا. سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته احمد عمر شيخ کي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سهولتون نه ڏنيون وڃن، عمر شيخ جي ڪٽنب کي سرڪاري خرچ تي رهائش ۽ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔