عمران خان وٽ هرڳالهه جو جواب بس هڪ ئي آهي ته اين آر او نه ڏيندس:خورشيد شاهه

سکر: پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته ٽن مهينن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس، هن وٽ هرڳالهه جو جواب بس هڪ ئي آهي ته اين آر او نه ڏيندس. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته الله جي ذات انصاف ڪرڻ واري آهي، پاڪستان ۾ مهانگائي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي، هڪ مهيني ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 16 رويپا اضافو ٿيو آهي. هن چيو آهي ته پ پ سٺي هئي يا خراب هئي سڀني جي سامهون آهي، هارين کي انهن جي فصلن جي قيمت ملي جنهن تي هو خوش آهن. پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته خيرپختونخواهه جي يونيورسٽي جي استادن جو پگهارون بند آهن. بي آر ٽي منصوبو بند آهي،هن وقت سياستادن چئي رهيا آهن ته اپوزيشن ڇا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته اسان جڏهن به ڳالهه ڪئي حڪموت ڪو به جواب نه ڏنو، اسان نٿو چئون ته عمران خان وڃي، عمران خان سمورين شين کي نارمل ڪري، بار بار چيو ته ويهو ڳالهيون ڪيو، پر هي ماڻهو ويهڻ لاءِ تيار ئي نه آهن، بس هڪ جواب ڏنو پيو وڃي ته گذريل حڪومت ڇا ڪيو آهي. هن چيو آهي ته اسان آزاد عديله چاهيون ٿا، پنهنجي لاءِ نه عوام جي لاءِ چئي رهيو آهيان ته آزاد عدليه کپي، هن چيو آهي ته نيب سوڌو ٻيا ادارا سازشون ڪري رهيا آهن، پي ڊي ايم اسان ٺاهي، فيصلا به اسان ڪنداسين، اسد عمر جي هٿن ۾ ڪجهه به آهي، سنڌ حڪومت هر ضلعي کي ايمبوليسن جو تحفو ڏئي رهي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔