سنڌ حڪومت جَي ترجمان وفاقي سرڪار کي عوام دشمن ۽ ڪورونا دوست حڪومت قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : سنڌ حڪومت جَي ترجمان وفاقي سرڪار کي عوام دشمن ۽ ڪورونا دوست حڪومت قرار ڏئي ڇڏيو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پي ٽي آءِ سرڪار هيل تائين هڪ به وئڪسين خريد نه ڪئي آهي، چين جا ٿورئتا آهيون جن وئڪسين جا 5 لک ڊوز ڏئي پاڪستان جي مدد ڪئي، وفاقي ڪابينا اڍائي مهينا اڳ وئڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني، ٻڌايو وڃي ته اُها وئڪسين ڪيڏانهن وئي؟ سنڌ سرڪار طرفان وئڪسين خريد ڪرڻ لاءِ 21 جنوري تي وفاق کي خط لکيو ويو، اُن خط جو جواب اڄ آيو ۽ وفاق چيو ته سنڌ حڪومت وئڪسين خريد نٿي ڪري سگي، تنهن هوندي به سنڌ سرڪار زور ڀريو ته وئڪسين جي خريداري لاءِ اجازت ڏني ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔