عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ سموريون درخواستون گڏ ڪري 9 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقررڪيون وڃن:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي آئين جي آرٽيڪل 62 ايف ۾ ترميم جو چيو هو، ائين هلندو رهيو ته اسان سڀ اِن قانون تحت نااهل ٿي سگهون ٿا، عدالت کي سياسي معاملن ۾ استعمال ڪرڻ سان عدليه جو نقصان ٿيندو آهي، عوامي نمائندي کي نااهل ڪرڻ سان تڪ جي عوام جو نقصان ٿئي ٿو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس کي عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ داخل درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم، وفاقي وزير فواد چوڌري خلاف نااهلي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت چيو آهي ته عوامي نمائندن جي نااهلي لاءِ سموريون درخواستون گڏ ڪري 9 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون وڃن، هڪ ئي وقت اهو معاملو اُڪلائڻ گهرون ٿا ته جيئن سائلن کي ٻڌي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔