حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ذاتي رنجشون آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ذاتي  رنجشون آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته حڪومت جو اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ جو موقف نه هجڻ گهرجي. حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ذاتي رنجشون آهن انهن رنجشن دوران ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن.

حڪومت کي اپوزيشن سان ويهي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. گورننس جوڊيشل ۽ اليڪشن سسٽم ۾ اصلاحن جي ضرورت آهي. فواد چوڌري چيو ته صوبائي مسئلن ۾ وفاق جو ڪوبه اختيار نه آهي. اين ايف سي ايوارڊ جو 60 سيڪڙو صوبن وٽ هليو ويندو آهي صوبن وٽ ويندڙ پئسن جي مانيٽرنگ جو ڪوبه ميڪانزم ناهي. جن ماڻهن 18هين ترميم ڪئي انهن نه  ڪجهه سوچيو ۽ نه وري سمجهيو.

18هين ترميم ۽ اين ايف سي سان سمورو سسٽم تباهه ٿي ويو آهي. 18هين ترميم سان فيڊريشن جا اختيار صوبن کي منتقل ٿي ويا. ترميم کان پوءِ مسئلن جي حل جو اختيار وفاق وٽ ناهي رهيو. اهو ڄاڻڻ جو ڪوبه ميڪنزم ناهي ته وفاق وٽان ويندڙ پئسو خرچ به ٿي رهيو آهي يا نه. وفاقي وزير چيو ته جيترو نقصان نوازشريف پنجاب کي پهچايو ڪنهن ٻئي ناهي پهچايو.

نوازشريف چيو ته مون کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻايو پوءِ اوهان جي مرضي آهي جيڪو به لکرايو. ڪالهه ايڪٽيهه جنوري هئي ماڻهن جو خيال هو ته انقلاب اچي ويندو. ڪالهه ڪيترن ئي مانهن جا خواب چڪنا چور ٿي ويا. مريم۽ بلاول ملي هاڻ حڪومت جي خلاف بددعائن جي مهم شروع ڪن. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔