ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 26 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 1615 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي  وئي آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اين سي او سي  طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران  1615 ڄڻن ۾ ڪورونا وبا جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 33.493 آهي پر ڪورونا جا 5 لک 1 هزار 252 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 لک 46.420   گڏيل ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران  سڄي ملڪ ۾ 34.785 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 11.683 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔