سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري مٿان نظر رکڻ جي ضرورت آهي: فردوس عاشق

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ آصف زرداري مٿان نظر رکڻ جي ضرورت آهي ڇو ته هو پٺين اليڪشن ۾ ڪم ڏيکاري چڪو آهي.

لائيو اسٽاڪ جي صوبائي وزير حسنين بهادر دريشڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته(ن) ليگ جي بيانن کي گهر موڪلڻ چاهيون ٿا. شهباز شريف حب الوطني جي ڪري نه پر ڪرپشن جي الزامن تي جيل ۾ آهي.

هن چيو ته ڪوشش آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اها ٻڪرا پڙي نه لڳي جيڪا هميشه لڳندي آهي.  هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ آصف زرداري تي نظر رکڻ جي سخت ضرورت آهي. ڇو ته هو پٺين اليڪشن ۾ به پنهنجو ڪم ڏيکاري چڪو آهي ۽ ماضي ۾  به مسلم ليگ(ن) کي بلوچستان ۾ بيوقوف بڻائي چڪو آهي. ان ڪري سينيٽ چونڊن دوران آصف زرداري مٿان سخت نظر رکڻ جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔