سپريم ڪورٽ طرفان آصف زرداري خلاف ريفرنسز جِي منتقلي بابت درخواستن تي نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ريفرنسز جِي منتقلي بابت درخواستن تي نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، عدالت چيو آهي ته جائزو وٺڻو پوندو ته سپريم ڪورٽ ڪهڙين حالتن ۾ ريفرنسز اسلام آباد ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم تي عمل کان نه روڪي سگهون ٿا ۽ نه ئي اُن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو، جسٽس منيب اختر آصف زرداري جَي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سمورن جوابدارن کي ڌُر بڻايو آهي، ايترن جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪرڻ لازمي نه آهي، فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته سڀني جِي راءِ اچي ته بهتر آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته توهان ميلو لڳائڻ گهرو ٿا ته ڀلي لڳايو، عدالت جو وقت محدود هوندو آهي، اُن حساب سان ئي ٻڌڻي ڪنداسين، سپريم ڪورٽ فريال ٽالپر سوڌو ٻين سمورن جوابدارن کي به نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔