ايسٽونيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت وزيراعظم بڻجي وئي

تالن: بالٽڪ رياست ايسٽونيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ عورت ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وئي.
اهڙي اڳڀرائي ايسٽونيا جي ٻن وڏين سياسي جماعتن وچ ۾ اتحاد جي فيصلي جي نتيجي ۾ سامهون آئي آهي، جنهن تحت وزارتي ذميواريون اتحاد ۾ شامل ٻن سياسي پارٽين ۾ صنفي برابري جي بنياد تي ورهائبيون.
43 ورهين جي وڪيل ڪاجا ڪالس اعتدال پسند ساڄي ڌر جي جماعت سينٽر ريفارم پارٽي جي سربراهه آهي.
واضح رهي ته ايسٽونيا ۾ اڳوڻي حڪومت بدعنواني جي الزامن تحت 13 جنوري تي ختم ٿي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔