اڳوڻي نيب چيئرمين سيد امجد شاهه جو براڊ شيٽ معاهدي بابت اهم بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد: اڳوڻي نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) سيد امجد شاهه جو برطانوي عدالت ۾ ڏنل بيان سامهون اچي ويو آهي.

رپورٽ موجب اڳوڻي نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل(ر) سيد امجد شاهه برطانوي عدالت ۾ ٻڌايو ته براڊ شيٽ پاڪستان مان لٽيل پئسو واپس آڻڻ جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. نيب جي اڳوڻي پراسيڪيوٽر جنرل فاروق آدم خان جو پٽ براڊ شيٽ جي پارٽنر لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) سيد امجد شاهه جو ان حوالي سان چوڻ هو ته براڊشيٽ سان گڏ معاهدو لاڳاپيل وزارتن جي منظوري کان سواءِ ڪيو ويو.

براڊ شيٽ نيب کي ڏنل ڄاڻ کي ئي حدف جي طور استعمال ڪندو رهيو. هن جو چوڻ هو ته براڊ شيٽ نيب کي ڪابه بهتر ڄاڻ نه ڏئي سگهيو ۽ نه ئي وري پئسن جي واپسي ۾ مدد ڪري سگهيو. ليفٽيننٽ جنرل(ر) سيد امجد شاهه اپريل 2000 ۾ آمريڪي رياست ڪولوارڊو ۾ براڊشيٽ جي آفيس جو دورو ڪيو هو.

اڳوڻي  نيب چيئرمين براڊشيٽ جي آفيس جي دوري کان پوءِ ان سان معاهدو ڪيو هو. دوري جي دوران پاڪستاني وفد کي ڪوڙي ڄاڻ جي بنياد تي پريزينٽيشن ڏني وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔