سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ملير نديءَ ۾ گٽرن جي پاڻي سان ڀاڄيون پوکيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي : ڪراچي ۾ گٽرن جي پاڻي سان ڀاڄيون پوکڻ جو انڪشاف ٿيڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، ملير نديءَ ۾ گٽرن جي پاڻي سان ڀاڄيون پوکيندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين ٻڌايو ته 21 جنوري تي ڀاڄين جا نمونا ليبارٽري موڪليا هئا، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته نمونا موڪلڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي، لڳي ٿو ته عملدارن کي دلچسپي ناهي؟، عدالت فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين اختيارين کان 17 فيبروري تائين حتمي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔