سينيٽ چونڊون: (ن) ليگ پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن تي صلاح مشوري جي لاءِ مسلم ليگ(ن) جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس اڄ وفاقي گادي واري شهر ۾ ٿيندو.

پارٽي جي نائب صدر مريم نواز به اجلاس ۾ شرڪت ڪندي. اجلاس ۾ ان هائوس تبديلي ۽ بي اعتمادي جي تحريڪ بابت ڳالهيون ٿينديون. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾(ن) ليگ جا قومي اسيمبلي ميمبر شرڪت ڪندا.

اجلاس  ۾ اسيمبلي ميمبرن سان سينيٽ چونڊن تي راءِ ورتي ويندي. پي ڊي ايم تحريڪ بابت به ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. پي ڊي ايم لانگ مارچ ۽ پارليامينٽ ۾ استعيفائن بابت به راءِ  ورتي ويندي. ترجمان موجب اجلاس ۾ موجوده گڏيل ملڪي صورتحال، ڪورونا وائرس جي خطري ۽ معاشي تباهي وارن مسئلن تي غور ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي ۽ اقتصادي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. (ن) ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب موجب پارلياماني پارٽي جي گڏيل اجلاس ۾ مستقبل جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو ۽ صلاح مشورو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔