وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ، اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر، ڊي جي رينجرز سوڌو صوبائي وزير ناصر شاهه، مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته  ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن سان سٺا نتيجا مليا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ قانون  لاڳو ڪندڙ ادارن گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، مختلف ادارن جي امن ۽ امان جي  حوالي سان ايپيڪس ڪميٽي  کي بريفنگ  ڏني وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔