”اسان وٽ موقعو آهي ته ڏکڻ آفريقا کي هارائي پنهنجو رڪارڊ بهتر ڪيون“

ڪراچي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مصباح الحق اعتراف ڪندي چيو آهي ته پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان ۽ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.
آچر ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي پريڪٽس سيشن کانپوءِ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي مصباح الحق چيو ته سيريز لاءِ ڀرپور انداز ۾ تياريون ڪيون آهن، رانديگر ٽيسٽ سيريز لاءِ منتظر ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ پراعتماد آهن، ٽيم جا گهڻا رانديگر هتي کيڏندا رهيا آهن، تنهن ڪري کين ڪنڊيشن جو ايڊوانٽيج حاصل آهي.
هن چيو ته ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا جو پاڪستان خلاف رڪارڊ سٺو رهيو آهي پر هاڻ حالتون مختلف ٿي سگهن ٿيون، ماضي ۾ ڏکڻ آفريقا وٽ ڪوالٽي بالنگ لائن هئي ۽ اهڙا بيٽسمين پڻ هئا، جيڪي هر قسم جي بالنگ سٺي طريقي سان کيڏندا هئا پر هن ڀيري شايد ٿوري مختلف ڪهاڻي آهي ۽ پاڪستان وٽ موقعو آهي ته ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي پنهنجو رڪارڊ بهتر ڪري.
هيڊ ڪوچ تسليم ڪيو ته پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيان ۽ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي پر پريشان ناهيان ته اڳتي ڇا ٿيندو، هن وقت سڄو فوڪس سيريز تي آهي ۽ تياري ڪري رهيا آهيون، ڪارڪردگي جو پريشر هر ڪنهن تي هوندو آهي، ان کي هينڊل ڪرڻو پوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته بابر اعظم سلجهيل ڪپتان آهي ۽ سکي رهيو آهي، کيس گرائونڊ ۾ فيصلن بابت مڪمل آزادي هجڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔