پاڪستان چين ۽ برطانيه کان پوءِ روسي ويڪسين استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: پاڪستان ڪورونا جي ٽئين ويڪسين جي استعمال جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.چين ۽ برطانيه کان پوءِ روسي ويڪسين به استعمال ڪري سگهجي ٿي. روسي ويڪسين جي استعمال جي اجازت ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي رجسٽريشن بورڊ جي طرفان ڏني وئي آهي جيڪا نجي فارما سيوٽيڪل ڪمپني طرفان ڏني وئي آهي.روسي ويڪسين 2 هفتن تائين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي. اختيارين موجب روسي ويڪسين ڪروونا وبا جي خلاف 92 سيڪڙو بهتر آهي جنهن جي پهرين کيپ هلندڙ مهيني جي آخر ۾ پاڪستان پهچندي.پهرين کيپ پنجاهه هزار خوراڪن تي ٻڌل هوندي. روسي ويڪسين کي منفي 10 ڊگري تي اسٽور ڪرڻ لازمي آهي. امڪان آهي ته روسي ويڪسين ڀارت جي مقابلي ۾ پاڪستان ۾ ٻيڻي اگهن تي مهيا ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔