زرداري اينڊ ڪمپني کي هر ٽن مهينن کان پوءِ لڳندو آهي ته ايندڙ ٽي مهينا اهم آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هر 3 مهينن کان زرداري اينڊ ڪمپني کي لڳندو آهي ته ايندڙ 3 مهينا تمام گهڻا اهم آهن. جڏهن 3 مهينا گذري ويندا آهن ته نئون بيان ايندو آهي ته ايندڙ 3 مهينا اهم آهن.

وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته بلاول جون بي اعتمادي جون ڳالهيون ۽ ناڪامي، استعيفيٰ نه لانگ مارچ سڀ پراڻي پگهار تي ڪم ڪندا، 3 سالن کان پوءِ به اوهان جو هاڻ ڪوبه چانس ناهي.

زمانو ۽ وقت اڳيان هليو ويو آهي اوهان تمام گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيو، اصل ۾ اوهان کي رستو ناهي ملي رهيو ڪاروبار تي ڌيان ڏيو.

ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته نوجوانن لاءِ راندين جا موقعا بهترين ماحول فراهم ڪرڻ بزدار حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ماضي ۾ نظر انداز ڪيل قومي راند هاڪي جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔