اپوزيشن وٽ صرف مايوسي، نااهلي ۽ ناڪامي رهجي وئي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم تحريڪ نه رهي آهي،ان جي سگهه ختم ٿي وئي آهي، اپوزيشن وٽ صرف مايوسي، نااهلي ۽ ناڪامي رهجي وئي آهي.ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي خواهش رکندڙ عوام جي نظرن ۾ ڪري پيا آهن.هن چيو ته براڊ شيٽ معاملو اين آر او جي سياست کي ظاهر ڪري ٿو،هي انهن لاءِ پاناما ٽو ثابت ٿيندو.وفاقي وزير چيو ته عمران خان جڏهن غريبن لاءِ ڪينسر اسپتال ۽ يونيورسٽيون قائم ڪري رهيو هو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري غريبن جي ڦرلٽ ڪري ايون فيلڊ ۽ سري محل تعمير ڪري رهيا هئا.شبلي فراز چيو ته ن ليگي اڳواڻ ڪوڙ ڳالهائي عوام کي گمراهه ڪري نٿا سگهن، ثابت قدمي عمران خان جي سڃاڻپ آهي، قوم جو مال لٽيندڙ قومي ڏوهارين کي حساب ڏيڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔