عورت پارليامينٽرينز تڪن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن پيون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته عورت پارليامينٽرينز تڪ جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبرن عاصما قدير ۽ غلام بي بي ڀروانا سان ملاقات دوران وزير اعظم چيو ته عورت پارليامينٽرينز خاص ڪري عورتن جا مسئلا حل ڪري رهيون آهن، جيڪا سٺي ڳالهه آهي.ملاقات دوران عاصما قدير وزير اعظم کي سسٽين ايبل هائوس هولڊ منصوبي بابت آگاهه ڪيو.هن چيو ته منصوبي تحت ڪچن گارڊننگ ۽ ننڍي پئماني تي پولٽري جي مدد سان وچولي طبقي جي عورتن جي گهرن جون ضرورتون پوريون ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔