تحريڪ انصاف فارين فنڊنگ ڪيس: اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ دير جا سبب ٻڌائي ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پاڪستان فارين فنڊنگ ڪيس جي فيصلي ۾ دير جا سبب ٻڌائي ڇڏيا آهن.

رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ڪورونا وبا، وڪيلن جي غير حاضري ۽ اسڪروٽني ڪميٽي  جي ميمبرن جي ريٽائرمينٽ دير جو سبب بڻي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪيس تي موجوده اليڪشن ڪميشن خاطر خواهه اڳڀرائي ڪئي آهي.

اسان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون. بنا ڪنهن دٻاءُ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهيون.

ترجمان جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن آزادانه ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بنائڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي.

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسڪروٽني ڪميٽي کي هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڏينهن اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔