پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني ڏکڻ آفريقي اسڪواڊ جو اعلان

پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني ڏکڻ آفريقي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 11 کان 14 فيبروري تائين کيڏي ويندي، جنهن لاءِ هينرچ ڪلاسين کي پهريون ڀيرو ڏکڻ آفريقي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
پاڪستان خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ اعلانيل 18 رڪني ڏکڻ آفريقي اسڪواڊ ۾ هينرچ ڪلاسين (ڪپتان)، نندري برگر، اوڪهلي سيلي، جونيئر ڊالا، بجارن فورچوئن، ريزا هينڊرڪس، جارج لندي، جانيمن ملان، ڊيوڊ ملر، آنديلي ڦيلڪوايو، ڊوائن پريٽوريس، ريان رڪيلٽن، تبريز شمسي، لٿو سمپالا، جون سمٽس، پيٽي وين بلجن، گلينٽن سترمن ۽ جيڪس سنيمن شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔